ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ واري فيصلي جي ڄاڻ ناهي: بابر

ڪراچي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ واري فيصلي جي ڄاڻ ناهي، ٻيهر نمبر هڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي

نيوزيلينڊ خلاف 5 ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ پاران مونکي اڃا تائين ناهي ٻڌايو ويو، جيڪڏهن ڪپتان برقرار رکيو ويو ته عالمي ڪپ کٽڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس

هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز شاندار رهي سمورن رانديگرن ڀرپور پرفارم ڪيو، فخرالزمان ثابت ڪيو ته هو ڪهڙي به صورتحال ۾ کيڏي سگهي ٿو، هن چيو ته شاهين شاهه آفريدي به رڌم ۾ اچي ويو آهي، قومي ٽيم جو بالنگ وارو شعبو مضبوط آهي بيٽنگ واري شعبي ۾ به بهتري آئي آهي

ڪپتان بابراعظم چيو ته ڪلين سوئيپ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر وڪيٽون جلد ڪرڻ سبب ڪامياب نه ٿي سگهياسين، ٻيهر هڪ نمبر ٽيم بڻجنداسين. هن چيو ته نيوزيلينڊ سان کيڏندي محسوس نه ٿيو ته هو بي ٽيم آهي، سندس رانديگرن پروفيشنل انداز ۾ کيڏيو، سيريز بهتر رهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔