مون وٽ فيض حميد خلاف ثبوت هئا، عمران خان به ثبوت آڻي: شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته هن وٽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي فيض حميد خلاف ثبوت هئا، عمران خان به ثبوت آڻي

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت عزيز صديقي جو چوڻ هو ته عمران خان بنا ڪنهن ثبوتن جي الزام لڳائي رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان  رڳو فوج جي اعليٰ آفيسر کي بدنام نه پيو ڪري پر هو سموري اداري کي بدنام ڪري رهيو آهي

اڳوڻي جج شوڪت صديقي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳاڙهو دائرو لڳائڻ جي ڳالهه عمران خان پاڻ ڪئي هئي، ڪيڏو به سنگين الزام هجي، ثبوت نه هوندو ته اهو عدالت ۾ بي معنيٰ هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔