سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي حڪم امتناع برقرار،سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي. عدالت سڳوري اٽارني جنرل کي سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. حڪم امتناع حتمي فيصلو تائين جاري رهندو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد بينچ جو حصو آهن.

وفاقي حڪومت ڪيس کي فل ڪورٽ جي سامهون مقرر ڪرڻ جي باقاعده درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي ۾ سمورين ڌرين کي لکت  ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. عدالت اٽارني جنرل کان پارليامينٽ جي ڪارروائي ۽ قائمه ڪميٽين جو رڪارڊ به طلب ڪيو هو.

اڄ ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته اٽارني جنرل منصور عثمان فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.  مسلم ليگ(ن) جي وڪيل صلاح الدين احمد چيو ته اسان به درخواست ۾ فل ڪورٽ جي استدعا ڪئي آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان جي درخواست کي اڃان تائين نمبر الاٽ نه ٿيو آهي. فواد چوڌري چيو ته سياسي پارٽين جو نوٽيس آهي ان لاءِ پي ٽي آءِ طرفان مان موجود آهيان.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته اميد آهي ته سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ ملي ويندو. اسپيڪر آفيسر سان باضابطه ۽ غير رسمي طور تي به رابطو ڪيو آهي.  

فل ڪورٽ جي لاءِ دليل ڏيندي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جا رولز فل ڪورٽ جوڙي ڇڏيا هئا. سپريم ڪورٽ پريڪٽس رولز ۾ ترميم به فل ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي. عدليه جي آزادي ۽ رولز بابت ڪيس به فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ سڀاڻي تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔