ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي رتوڇاڻ ، 54 ڄڻا مارجي ويا

ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي رتوڇاڻ جي واقعن ۾ 54 ڄڻا مارجي ويا، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن

 رياست جي گورنر سشري انوسويا پاران ڌرين کي پرامن رهڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

 وڳوڙ ان وقت شروع ٿيا جڏهن سرڪار پاران ميٽي برادري کي شيڊولڊ ٽرائيب جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

هن پرتشدد ڪاررواين جي ڪري هن وقت تائين 10 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، رياست ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هزارين اهلڪار مقرر ٿي چڪا آهن، ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪرفيون لاڳو ڪيو ويو آهي

 ٻين قبيلن جي نمائندگي ڪندڙ آل ٽرائبل اسٽوڊنٽس پاران فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرا اوچتو پرتشدد مظاهرن ۾ تبديل ٿي ويا، وڳوڙن تي ضابطي لاءِ رياست ۾ ڪرفيو لڳايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔