ايس سي او: پاڪستان جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جو عزم

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي

ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي اهم علائقائي پليٽ فارم سمجهي ٿو

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سڀ ملڪ پراڻن، تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ۽ جغرافيائي رشتن ۾ ٻڌل آهن، پاڪستان اصل شنگهائي اسپرٽ ۾ موجود گڏيل ترقي تي پختو رکين رکي ٿو

بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ موجود آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارتي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس هال ۾ پهچڻ تي ڀارت جي پرڏيهي معاملن واري وزير جئي شنڪر بلاول جي آجيان ڪئي

ڪانفرنس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان تاجڪ پرڏيهي وزير سراج الدين محريدين جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽري جنرل جينگ منگ  سان ملاقات به ڪئي

 پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي شنگهائي تعاون تنظيم  جي قيادت جي ويئن تحت پاڪستان جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو

ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن پاران بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت ياترا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي اعجاز چوڌري چيو ته جن ماڻهن کي افغانستان وڃڻو هو اهي ڀارت هليا ويا

اعجاز چوڌري جو چوڻ هو ته بلاول جو ڀارتي دورو مودي سان قربتون وڌائڻ لاءِ آهي، ٻوڏ دوران پرڏيهه مان جيڪا امداد آئي ان جي جاچ ڪرائي وڃي، اهڙو ڪو به ملڪ ناهي جتي بلاول گهمڻ نه ويو هجي

هن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير سير ۽ تفريح جو وزير بڻجي ويو آهي،پيپلزپارٽي جي سليم مانڊوي والا چيو ته بلاول جي ڀارت ۾ ايس او سي اجلاس ۾ شرڪت ڪاميابي آهي، سموري دنيا ان جي تعريف ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔