سنڌ ۾ ميٽرڪ جا ساليانا امتحان 8 مئي کان وٺڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ ميٽرڪ جا ساليانا امتحان 8مئي کان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب شاگردن کي امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون

 سنڌ حڪومت  طرفان وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان امتحانن دوران امتحاني سينٽرن ۾لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو آهي ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾امتحان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا، امتحانن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آھي

ميٽرڪ جي امتحانن ۾ 7لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگرد ياڻيون حصو وٺنديون، ڪراچي ۾ 400امتحاني مرڪز ۽ حيدرآباد ۾ 25 امتحاني مرڪز حساس آهن

ڪاپي ڪلچرروڪڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي،  سمورن امتحاني مرڪزن لاءِ ويجيلنس ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن

صوبائي وزير اسماعيل راھو وڌيڪ چيو آهي ته امتحاني مرڪزن ۾ استادن ۽ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي پابندي هوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔