ڪڻڪ جي وڌندڙ قيمتن سبب اٽي جي کوٽ جو امڪان آهي: فلورملز ايسوسيئيشن

لاهور: فلورملز ايسوسيئيشن ڪڻڪ جي وڌندڙ قيمتن سبب اٽي جي کوٽ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين افتخار مٽو چيو ته خوراڪ کاتي جي پابندين سبب مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ آمد سخت متاثر ٿي رهي آهي. صوبي ۾ اٽي جي کوٽ جو امڪان آهي. هن چيو ته وڏو وزير پابنديون ختم ڪرائي ڇو ته خوراڪ کاتي جي پابندين سبب فلورملز کي ڪڻڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.

افتخار مٽو چيو ته ملن وٽ ڪڻڪ جو اسٽاڪ به هاڻ تمام گهٽ رهجي ويو آهي. صارفين مهانگي اگهن تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، صورتحال اهائي رهي ته مارڪيٽ ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔