عمران خان جي طبيعت خراب ٿي وئي، زخمي ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويو، شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرز پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي
ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته شوڪت خانم اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته عمران خان آرام نه ڪيو ته سندس زخمي ڄنگهه ۾ سوڄ ۽ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو
ڊاڪٽرز پاران عمران خان کي غير ضروري پنڌ نه ڪرڻ ۽ ڄنگهه تي زور نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، لانگ مارچ دوران حملي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو هو ۽ ان جي هڪ ڄنگهه کي نقصان پهتو هو