چيف جسٽس پاران سياسي جماعتن کي ڳالهين جو مشورو ڏيڻ جي آجيان ڪيون ٿا: آصف زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران چيف جسٽس جي سياسي جماعتن کي ڳالهين جو مشورو ڏيڻ جي آجيان ڪئي وئي آهي

آصف زرداري چيو آهي ته چيف جسٽس پاران سياسي جماعتن کي ڳالهين جو مشورو ڏيڻ جي آجيان ڪيون ٿا

هن چيو ته چيف جسٽس اسان کي ڪجهه وقت ڏئي، اسان پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون آهن

آصف علي زرداري  چيو ته اسان پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ڪيون آهن ته جيئن حڪومتي اتحاد هڪ موقف تي اچي وڃي

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان به هڪ ڏينهن تي اليڪشن ڪرائڻ چاهيون ٿا، پاڻ ۾ ڳالهين بعد مخالفن سان به ڳالهائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔