ثاقب نثار رات جو عدالت لڳائيندو هو، پوءِ به انصاف نه مليو، وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خدا جي واسطي عوامي خدمت جي ميدان ۾ سياست تي پابندي لڳائڻ گهرجي، ڪابه حڪومت اچي ۽ وڃي، اُن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سياست جي اجازت نه هجڻ گهرجي

وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي تنقيدي وار ڪندي چيو ته ثاقب نثار ڏينهن رات چوندو هو ته 20 ارب روپيا ٻڏي ويا، هو مون کان اسپتالن ۾ سهولتون ڏيڻ جو به حساب وٺندو هو

هن چيو ته ثاقب نثار رات جو عدالت لڳائيندو هو، پوءِ به انصاف نه مليو، هُن هڪ پاسي پنهنجي سياست چمڪائِي، ٻئي پاسي راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جو پولنگ ايجنٽ بڻجي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔