قلم 144 بابت ڪيسز: شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ واؤ

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي بابت ڪيسز ۾ شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي شاهه محمود قريشي خلاف ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شاهه محمود پنهنجي وڪيل علي بخاري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران اي ٽي سي جج راجا جواد عباس جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته ڇا شاهه محمود قريشي کي ڪيسز کان ڊسچارج ڪرڻو آهي؟  جاچ آفيسر چيو ته اليڪشن ڪميشن  جي حڪمن موجب کيس ڪيس ۾ نامزد ڪيو وڃي. جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته پراسيڪيوشن کان پڇي وٺو ته الله کان سواءِ ٻيو ڪير شاهد آهي.

جج جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته اڳوڻي پرڏيهي وزير کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آهي، سبب ته ٻڌايو ان تي شاهه محمود قريشي جي وڪيل چيو ته منهنجو موڪل جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو.

جنهن کان پوءِ عدالت شاهه محمود جي وڪيل جي دليلن ۽ جاچ آفيسر جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ٻنهي ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ 29 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔