مولانا فضل الرحمان پاران چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي سربراهه چيو آهي ته چيف جسٽس تڪراري فيصلن سپريم ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ حڪومتي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جهڙي طرح پنهنجي تڪراري فيصلن سان سپريم ڪورٽ جهڙي معزز اداري کي ورهايو ۽ ان کي ملڪ جي سپريم اداري پارليامينٽ سان جهيڙي جي پوزيشن تي آڻي هن ملڪ ۽ رياست کي جهڙي طرح جي بحران ۾ مبتلا ڪيو آهي ان جو هڪڙو ئي حل چيف جسٽس جي استعيفيٰ آهي.
جي يو آءِ اڳواڻ پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي بنا ڪنهن دير جي جلد کان جلد استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔