سپريم ڪورٽ جو بينچ چئني صوبن جي ججز تي ٻڌل هجڻ گهرجي:اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: حڪومت هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان قانون واري وزير نذير تارڙ چيو آهي ته بينچ چئني صوبن جي ججز تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هڪ صوبي سان ججز جو بينچ ائين لڳي رهيو آهي جيئن تخت لاهور هجي. گهرو وزير چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو هر طرف کان اچي رهيو آهي. فيصلو اهڙو هجڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري نه ٿئي.
وفاقي قانون واري وزير نذير تارڙ ۽ راڻا ثناءُالله سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض ڪندي فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

قانون واري وزير نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو بينچ چئني صوبن جي ججز تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هڪ صوبي مان ججز جو بينچ ائين لڳي رهيوآهي جيئن تخت لاهور هجي. هن چيو ته جمهوريت ئي ملڪ جي مسئلن جو حل آهي. سمورا ادارا پنهنجو آئيني حق ادا ڪن. ادارا ڪنهن هڪ شخص جا غلام ناهن هوندا. سپريم ڪورٽ اجتماعي سوچ سان حل ڪڍي.
گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته هر فيصلي ۾ آخر اهي 3 ججز ڇو؟ فل ڪورٽ جو مطالبو هر طرف کان اچي رهيو آهي. فيصلي ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. اهڙو فيصلو نه اچي جنهن سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿئي. هن چيو ته اميد آهي ته اڄ اهڙو فيصلو اندو جيڪو ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍندو. اهڙو فيصلو هجڻ گهرجي جو معاملن کي بهتر طريقي سان اڳيان وڌائي.
وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته 3 رڪني بينچ جي سامهون حڪومت جو موقف پيش ڪيو ويو. اسان جو اڄ به ساڳيو ئي موقف آهي. اڄ به بهتري جي اميد آهي. سياسي عدم استحڪام سان ملڪ معاشي بحران جو شڪار ٿيو. بحران جو سبب 4 سالن جون پاليسيون آهن.
راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جڏهن عمران خان هر طرف کان ناڪام ٿيو ته هن اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. ملڪ ۾ چونڊون هڪ وقت تي ٿيڻ گهرجن. 2 اسيمبلين تي چونڊون ملڪ کي افراتفري طرف کڻي وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔