ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ: 2 پوليس اهلڪار شهيد

پشاور: خيبرپختونخواهه جي شهر ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب سومر جي رات تراويح نماز جي ڊيوٽي تي مقرر ڪانسٽيبل قاسم ۽ ڪانسٽيبل اياز دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويا. ٻئي اهلڪار موٽر سائيڪل تي تراويح نماز لاءِ ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا. ٻنهي شهيدن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
اهڙي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي. واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.
حملي آور پوليس اهلڪارن جون سرڪاري بندوقون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ نامعلوم دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔