لاهور: دهشتگردي توڙ عدالت پاران 3 ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن مختلف ڪيسن ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ان کي 11 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ٿيڻ بعد عمران خان لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت عمران خان کي 11 وڳي طلب ڪندي چيو ته عدم پيشي جي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو، عمران خان جا ضمانتي مچلڪا به جمع نه ٿيا آهن، جيڪو عدالت ايندو، اُن کي رليف ملندو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي پيش ٿيڻ بعد عدالت 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔