پاڪ ايران سرحد تي شهيد ٿيل 4 سيڪيورٽي اهلڪار فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

راولپنڊي: بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي جلگئي سيڪٽر ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازي نماز سندن اباڻي علائقن ۾ ادا ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي جلگئي سيڪٽر ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آ موجب شهيد نائيڪ شير احمد جي جنازي نماز تونسه، لانس نائيڪ محمد اصغر جي جنازي نماز ڪوٽ ادو، سپاهي عبدالرشيد جي جنازي نماز صحبت پور ۽ سپاهي محمد عرفان جي جنازي نماز ڊيره غازي خان ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ سينئر حاضر ۽ ريٽائرڊ سروس جي آفيسرن، سپاهين ۽ شهيد ٿيلن جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪيچ جي جلگئي سيڪٽر ۾ ايراني حدن مان دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن شهيد ٿي ويا هئا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اهڙيون قربانيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔