آرمي چيف خلاف مهم برداشت نه ڪئي ويندي، فسادين خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهه ۾ آرمي چيف خلاف مظاهرن ۽ مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان ايترو ته ڪِري پيو آهي جو فوج جي سربراهن جي ساک کي ڇيهو رسائڻ لاءِ آخري حد تائين وڃي رهيو آهي

وزيراعظم چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي آيل آرمي چيف خلاف مهم دشمن جي ايجنڊا ٿي سگهي ٿي، عمران خان جي چُرچ تي آرمي چيف خلاف ٿيندڙ مهم مذمت جوڳو عمل آهي، اهڙا ماڻهو زهريلي سياست کي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ذريعي پکيڙڻ گهرن ٿا

شهباز شريف جو چوڻ آهي ته  عمران خان ادارن ۽ اُنهن جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئيني ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڏڦيڙ، بغاوت ۽ فساد پکيڙيندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو

ٻئي پاسي فواد چوڌري وزيراعظم جي بيان تي چيو آهي ته وزيراعظم جي بيان جو مقصد فوج ۽ عوام ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ آهي، آرمي چيف جو احترام ڪريون ٿا، سندس خلاف مهم نه هلائي آهي ۽ نه ئي اهڙو ارادو رکون ٿا

 پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته اُميد ڪريون ٿا آرمي چيف ملڪ کي سياسي طور نارمل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو، آرمي چيف ۽ فوج ڪمزور ٿيندي ته ملڪ ڪمزور ٿيندو، چاهيون ٿا آرمي چيف چونڊون ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري ۽ ملڪ اندر بهتر ماحول جوڙيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔