اسلام آباد جي عدالت ۾ وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج: عمران خان طرفان عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو اعلان

اسلام آباد جي عدالت ۾ وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ٿيڻ بعد عمران خان طرفان عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو اعلان

لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيندس، نواز شريف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته مون کي جيل ۾ وڌو ويندو

لنڊن پلان تحت پوليس ۽ رينجرز وارا مونکي گرفتار ڪرڻ آيا هئا، منهنجي گهر تي ائين حملو ڪيو ويو جو ڄڻ وڏو دهشتگرد هجان، منهنجا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ آهن، جڏهن عدالت ۾ پيش ٿيان ٿو ته ڊراما ڇو ڪيا وڃن ٿا

اُن کان اڳ هڪ ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت خاطر ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، اُن حوالي سان هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔