پيٽروليم کان پوءِ بجلي به مهانگي، في يونٽ ۾ 3 روپيه 23 پئسا واڌ

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 3 روپيه 23 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا وفاقي حڪومت طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيپرا بجلي 3 روپيه 23 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت وٽ درخواست منظور ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل ناهي

ٿيندو؟ عوام کي ٻڌايو ته جيڪو مونسٽر جمع ٿيو آهي اهو ڪيڏانهن به نه ويندو.
پاور ڊويزن چيوته 209 ارب روپيه جيڪي گهري رهيا آهيون ان سان سرڪلر ڊيٽ جو فلو گهٽ ٿيندو. گذريل سال سرڪلر ڊيٽ 536 وڌيو هو ۽ ايندڙ سال جو اندازو به اوترو ئي آهي. 335 ارب روپين مان 126 ارب پي ايڇ ايل مارڪ اپ جي لاءِ آهي.
نيپرا چيئرمين چيو ته مارڪ اپ کان پوءِ بجلي جي قيمت 30 روپيه ٿي ويندي. جڏهن قيمت وڌندي ته بجلي جي طلب گهٽ ٿيندي ۽ چوري وڌندي. جنهن ڊائريڪشن ۾ اسان هلي رهيا آهيون ان سان پاور سيڪٽر ۾ بهتري نه ايندي. نيپرا ميمبر چيو ته سرڪلر ڊيٽ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وزارت وٽ ڪوبه پلان نه آهي. جيڪڏهن فيڊر آئوٽ سروس جو ئي پلان آهي ته پوءِ سرڪلر ڊيٽ 3 هزار ارب روپين تائين پهچي ويندو. اوهان وٽ ڪوبه اسسمنٽ ناهي ته قيمتون وڌڻ سان انڊسٽري تي ڪهڙو اثر پوندو. ياد رهي ته نيبرا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 3 روپيه 30 روپين جو سرچارج لڳايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔