رمضان کان اڳ ئي مهانگائيءَ جو طوفان، يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ به مهانگي

اسلام آباد: رمضان مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه کانپوءِ کنڊ به مهانگائي ڪئي وئي.

وزيراعظم پيڪيج تحت يوٽيليٽي اسٽورن تي وڪرو ٿيندڙ کنڊ في ڪلو ٻه رپيا مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سبسڊي واري کنڊ جي قيمت 89 رپين مان وڌي 91 رپيا ٿي وئي آهي.

کنڊ جي قيمت ۾ واڌ تي فوري طور عمل ٿيندو، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارن لاءِ واڌ نه هوندي.

يوٽيليٽي اسٽورز جي ترجمان موجب کنڊ مهانگي ٿيڻ جو سبب جي ايس ٽي ٽيڪس ۾ ٻه رپيا واڌ آهي، مارڪيٽ ۾ هن وقت کنڊ 105 رپيا في ڪلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔