عدالتن ۾ پيشي کان انڪار تي لازمي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته لازمي آهي ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اسان توهين عدالت جو رسڪ نٿا کڻي سگهون. عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته لازمي آهي ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو سڀني کي قبول هوندو.
هن چيو ته 30 اپريل تي چونڊون ٿيون ته ضرور حصو وٺنداسين. آئين ۾ صرف 90 ڏينهن ۾ چونڊون جو لکيل ناهي ڪجهه ٻيو به لکيل آهي. آئين ۾ لکيل آهي ته سموريون چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن ۽ سمورن صوبن ۾ نگران حڪومت هجڻ گهرجي.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن سان غير مشروط تعاون ڪنداسين پنهنجا وسيلا اليڪشن ڪميشن آڏو رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ عدليه پنهنجا ماڻهو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چونڊ عملي ۾ تعليم کاتي جو عملو 85 سيڪڙو هوندو آهي اهي به آدمشماري ۾ مصروف آهن. جڏهن ته آرمي ٻڌايو آهي ته دهشتگردي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انهن وٽ به فورسز جي کوٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔