توشه خانه ڪيس: عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 2 وڳي تائين وقفو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ نوٽيس ملڻ باوجود اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
اڄ ٻڌڻي جي شروعات ۾ عمران خان جو جونيئر وڪيل سردار مصروف خان عدالت جي آڏو پيش ٿيو. (ن) ليگ اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن به عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت ۾ پيش ٿئي.

عمران خان جي جونيئر وڪيل سردار مصروف خان ٻڌايو ته عمران خان جي پيشي جي خبر ناهي، سينئر ليگل ٽيم 10 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيندي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ 10 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو. وقفي کان پوءِ عمران خان جو وڪيل شير افضل مروت عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته وڪالت نامو هڪ ٻن ڏينهن تائين ڏئي ڇڏيندس. عمران خان جي ليگل ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آهي ايندڙ هفتي تائين ڪا تاريخ ڏئي ڇڏيو.
جج ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي طلبي لاءِ ٻڌڻي هلي رهي آهي. وڪيل شير افضل مروت چيو ته عمران خان جي طبيعت خراب آهي، معذوري جي حالت آهي، دنيا ۾ عمران خان بابت تماشو هلي رهيو آهي. وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته ضامن کي عدالت نوٽيس ڪري ۽ شورٽي کي ڪينسل ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪئي وڃي.
درخواست ۽ (ن) ليگي اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها چيو ته 9 مارچ تي عمران خان کي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي. عمران خان يقيني طور تي 9 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو. عمران خان جي وڪيل چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان لاءِ ايندڙ هفتي عدالت ۾ پيش ٿيڻ آسان هوندو. جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته ٻين لفظن ۾ اهو چيو وڃي ته عمران خان 9 مارچ تي به سيشن عدالت ۾ پيش نه ٿيندو. اوهان جو وڪالت نامو اڳ اچڻ گهرجي ها. ڳالهيون پوءِ ٿيڻ گهرجن. مون انتظار به ان لاءِ ڪيو ته شايد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي وڃي. جيڪڏهن صورتحال اهائي رهي ٿي ته ڇو نه ڪو فيصلو ڪري ڇڏيون. عمران خان پاڻ به اڃان تائين ذاتي طور تي پيش ناهي ٿيو. ظاهر ٿي رهيو آهي ته عمران خان اڄ به سيشن عدالت ۾ پيش نه ٿيندو. جج وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ڪيس ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر هوندو. قانون جي مڪمل گهرجن کي پورو ڪري توشه خانه ڪيس هلايو وڃي.
عمران خان جي وڪيل طرفان 2 وڳي تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال 2 وڳي تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔