ڪوئٽه ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو: عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

ڪوئٽه: ڪوئٽه ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئٽه جي علائقي سرڪي ڪلان ۾ هڪ گهر ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو

گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڪوئٽه جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام اظفر مهيسر ٻڌايو آهي ته سرڪي ڪلان ڊبل روڊ ويجهو مولوي عبدالعزيز جي گهر ۾ مبينه طور تي گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن ۾ 4 کان 9 ورهين جي عمر جا ٻار آهن. جڏهن ته گهر جو مالڪ مولوي عبدالعزيز ۽ ان جي 2 پٽن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔