آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهين بعد پڌرائي جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي: آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهين بعد پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي معاشي استحڪام لاءِ سبسڊيز ختم ڪرڻيون پونديون، روينيو وڌائڻ لاءِ مستقل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي

آءِ ايم ايف پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم ميڪرو ايڪانامڪ استحڪام جي تحفظ لاءِ گهربل پاليسين تي عملدرآمد لاءِ وزيراعظم پاڪستان جي عزم جي آجيان ڪري ٿي، پاڪستان پاران ملڪي ۽ پرڏيهي ادائگين جو عدم توازن گهٽائڻ لاءِ جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي

معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سماجي تحفظ کي وڌائڻ آءِ ايم ايف جي ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن پاليسين جي نفاذ جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ورچوئل ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ قرض جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔