ڀارتي ڪرڪيٽر شُبمَن ۽ سارا علي خان جي جوڙي جي هاڪ

ممبئي: ڀارتي ڪرڪيٽر شُبمَن ۽ سارا علي خان جي جوڙي جي ڌم مچي وئي آهي

ان ڏس ۾ بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ اداڪارا سارا علي خان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر شُبمَن گِل جي لاڳاپن جي حوالي سان سامهون ايندڙ افواهن جي تصديق يا ترديد اڃا تائين ناهي ٿي سگهي پر سارا ۽ شُڀمَن گِل لاءِ لڳل نعرن تي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جي ردعمل واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ دوران ڪرڪيٽ شوقينن طرفان اسٽيڊيم ۾ ” سارا ڀاڄائي “ جا نعرا هنيا ويا. وائرل وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيڊيم جي بائونڊري وٽ بيٺل شُڀمَن گِل کي ڏسي ڪرڪيٽ تمشائي زور زور سان ” هماري ڀاڀي ڪيسي هو

سارا ڀاڀي جيسي هو جا نعرا هڻي رهيا آهن“جنهن جي جواب ۾ ڪوهلي پهريان شوقينن کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ اڃا زور سان نعرا هڻڻ لاءِ اشارو ڪري ٿو. ٻئي پاسي شُڀمَن گِل نعرن تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪندو رهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔