راکي ساونت کي ڀارتي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي : مشهور ڀارتي ڊانسر ۽ ماڊل راکي ساونت کي ڀارتي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ڀارتي ميڊيا موجب راکي ساونت کي ڀارتي اداڪارا شيرلن چوپڙا جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، راکي اڄ شام پنهنجي مڙس عادل خان سان گڏ ڊانس اڪيڊمي شروع ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي، پر امبولي پوليس کيس اڄ صبح گرفتار ڪيو

ٽوئيٽر تي شرلي چوپڙا طرفان به ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته راکي کي داخل ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته راکي ساونت خلاف شرلي چوپڙا طرفان عزت کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو

شرلن چوپڙا گذريل سال آڪٽوبر ۾ جوهو پوليس اسٽيشن ۾ ساجد خان خلاف بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان خان تي فلمساز ساجد خان کي تحفظ ڏيڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن تي راکي ساونت ساجد جو دفاع ڪندي شرلين چوپڙا کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔