پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار

ڪراچي : پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار، وڏي وزير پرويز الاهي ۽ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جو هڪ ٻئي پاران ڏنل نالن تي اتفاق نه ٿي سگهيو

تحريڪ انصاف پاران نگران وڏي وزير لاءِ نصير احمد خان، احمد نواز سکيرا ۽ ناصر سعيد کوسا جا نالا ڏنا ويا، ناصر سعيد کوسا ۽ احسن ڀُون نگران وڏو وزير ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز ملڪ نديم ڪامران، حسن مرتضيٰ ۽ ملڪ احمد خان جا نالا پيش ڪيا، وڏي وزير پرويز الاهي ٽئي نالا رد ڪري ڇڏيا

 پرويز الاهي چيو آهي ته اسان اڻ ڌريا نالا پيش ڪيا، نگران وڏي وزير لاءِ پنهنجو ماڻهو مقرر ڪرڻ وارو نون ليگ جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔