دنيا جي خوبصورت ترين اداڪارا لاڏاڻو ڪري وئي

اٽلي : اٽلي جي مشهور اداڪارا جينا لولو بريجيڊا 95 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جينا لولو بريجيڊا 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ يورپي سينما جي مشهور ترين ستارن ۾ ڳڻي ويندي هئي

هن جي وفات جو اطلاع هن جي پڙپوٽي فرانچسڪو لولو بريجيڊا ڏنو جيڪو هنن ڏينهن ۾ اٽلي جو زراعت جو وزير آهي. جينا لولوبريجيڊا کي دنيا جي خوبصورت ترين عورت به چيو ويندو هو، هوءَ 60 جي ڏهاڪي کانپوءِ سياست ۽ فوٽو گرافي ۾ مصروف رهي

هن پوئين سال سينٽ جي سيٽ لاءِ چونڊن ۾ حصو به ورتو جنهن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. جينا لولوبريجيڊا جي مشهور فلمن ۾ بيٽ دي ڊيول، ڪروسڊ سورڊ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔