ناليواري قانوندان عبداللطيف آفريدي جو قتل: وڪيلن پاران ملڪ گير احتجاج

ڪراچي : ناليواري قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي پشاور ۾ قتل خلاف وڪيلن پاران ملڪ گير احتجاج ڪيو پيو وڃي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري آهي

ڪراچي سميت سنڌ ۾ به وڪيلن جي تنظيمن ۽ بار ايسوسيئيشنز جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سليم مڱريو ۽ جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ پاران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ سان ملاقات ڪئي وئي، لطيف آفريدي جي قتل تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو ويو

چيف جسٽس احمد علي شيخ، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس جنيد غفار سميت سمورن ججز بورڊز ڊسچارج ڪري ڇڏيا، ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون

 ناليواري قانوندان عبدالطيف آفريدي کي گذريل ڏينهن هڪ هٿياربند پشاور بار روم ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو، پوليس حملي ۾ ملوث هڪ جوابدارعدنان کي موقعي تان گرفتار ڪري ورتو هو

پوليس موجب جوابدار ذاتي دشمني تحت لطيف آفريدي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، عبدالطيف آفريدي مارشل لا جي دور ۾ ڪيترائي سال قيد ڪاٽيو ۽ 1997ع ۾ اي اين پي جي سيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ بڻيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔