مڪاني چونڊون: جي يو آءِ جو پيپلزپارٽي تي ڌانڌلي جو الزام

ڪراچي: سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان جمعيت علماءَ اسلام (ف) وفاق ۾ پنهنجي اتحادي جماعت پيپلزپارٽي تي ڌنڌالي جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي.
جي يو آءِ ف جي اڳواڻ قاري عثمان پ پ تي ڌاڌلي جو الزام لڳائيندي چيو ته مڪاني چونڊون 24 جولاءِ 2022ع کان ملتوي ڪندي ڪندي 15 جنوري ڪرايون ويون، پولنگ اسٽيشنز تي عملو کي رات تائين پهچڻو هو جيڪو نه پهتو، پولنگ عملو ٽي، ٽي ڪلاڪ دير سان پهتو ۽ پوءِ چونڊ عمل شروع ٿيو.
هن چيو ته سنڌ سرڪار رڳو ڏيکاءُ لاءِ مڪاني چونڊون ڪرايون، ڪياماڙي ۾ سڀ ڪجهه پهريان کان طئي ڪيو ويو هو، يونين ڪائونسل 8 ۾ چيئرمين جي اميدوار کي ڌانڌلي ڪندي پڪڙيو ويو، ماڙيپور يوسي 3 ۾ عورتن جي پولنگ اسٽيشنز تان ٺپا گم آهن.
جي يو آءِ ف جي اڳواڻ چيو ته پهريان به چوندا هئاسين ته سنڌ جي حڪمران پارٽي سڀ ڪجهه ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو، ائين نه ٿئي جو سموريون جماعتون چونڊون رد ڪري ڇڏين، هر يونين ڪائونسل ۾ ڌانڌلي جي شڪايت ملي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔