متحده پاڪستان طرفان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مڃڻ کان انڪار

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيستائين نيون تڪبنديون نه ٿينديون تيستائين مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪراچي ۾ جنهن جي اڪثريت آهي، ميئر به اُن پارٽي جو ٿيڻ کپي
رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فروغ نسيم چيو ته انهن يوسيز ۾ وڌيڪ ووٽر رکيا ويا آهن جتي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ آهي
فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي جي آبادي جو صحيح اندازو لڳايو وڃي، ٽي ڪروڙن جو شهر ڏيڍ ڪروڙ سان ڏيکارڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔