اسان کي ٽي ٽي پي بابت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

واشنگٽن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان بابت پاڪستان جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏنو آهي

واشنگٽن ۾ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽي ٽي پي بابت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ٽي ٽي پي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي

هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آسان رستو افغان عبوري حڪومت سان سهڪار ڪرڻ آهي

بلاول وڌيڪ چيو ته افغان عبوري حڪومت سان سهڪار وارو رستو منهنجو پسنديده طريقو هوندو پر ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو واحد رستو ناهي

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔