ڪرپشن ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو، رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش

ڪراچي: آڊيٽر جنرل سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ٿيل ڪروڙين رپين جي گهپلن بابت رپورٽ سڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي

رپورٽ موجب سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سيٺارجا جي فارم مينيجر هڪ ڪروڙ 44 لک ماليت جي 2 هزار مڻ کان وڌيڪ ڦٽي چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي اعليٰ آفيسرن فارم مينيجر خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن حيدرآباد 2 ڪروڙ 48 لک رپين جو ڊي اي پي ڀاڻ خريد ڪيو،  پر اُهو ڀاڻ استعال ئي نه ڪيو

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب سنڌ سيڊ ڪارپوريشن گهوٽڪي جي فارم مينيجر ڪمند ۽ ڦٽي جي پيداوار گهٽ ڏيکاري  اداري کي 4 ڪروڙ 7 لک رپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو، ذميوار آفيسرن خلاف ڪاررائي ڪرڻ بدران جواز ڄاڻايو ويو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل جي اپت گهٽ ٿي آهي

آڊيٽر جنرل سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ٿيل ڪروڙين رپين جي گهپلن جي اعليٰ سطحي جاچ جي تجويز ڏئي ڇڏي

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن حيدرآباد طرفان دلچسپي نه وٺڻ سبب مقاطي جي مد ۾ 2 ڪروڙ 69 لک رپين جون رهتون اوڳاڙجي نه سگهيون آهن

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر پروڊڪشن 11 لک جو نئون ٽريڪٽر ۽ 7 لکن جي مشينري لوڌران فارم هائوس ڏانهن اماڻي، پر اها مشينري لوڌران پهچڻ کان اڳ ئي رستي مان غائب ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔