بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ سمورا 25 دهشتگرد مارجي ويا

بنون :بنون ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي يرغمال بڻائيندڙ سمورا 25 دهشتگرد مارجي ويا، 7 دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سي ٽي ڊي جا 2 اهلڪار شهيد ٿيا

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سي ٽي ڊي ڪامپليڪس بنون تي ٻاهران ڪو به حملو نه ٿيو، ڪامپليڪس اندر پڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ موجود 35 دهشتگردن اها صورتحال پيدا ڪئي

ميجر جنرل احمد شريف موجب هڪ دهشتگرد سي ٽي ڊي اهلڪار کان هٿيار ڦري فائرنگ ڪئي هئي، دهشتگرد افغانستان وڃڻ لاءِ محفوظ رستو گهري رهيا هئا

هن چيو ته آپريشن دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا، 7 ڄڻن هٿيار ڦٽا ڪيا، 3 دهشتگردن کي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اولهه سرحد تان اٿيل دهشتگرديءَ جي تازي لهر کي اڀرڻ نه ڏنو ويندو، جيڪو به اسان جي خلاف ايندو ان جو مٿو چٿي ڇڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔