اسيمبليون بچائڻ لاءِ مشورا ٿي رهيا آهن، ملڪ جي معيشت بچائڻ تي ڪم نه پيو ٿئي: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اسيمبليون بچائڻ تي مشورا ٿي رهيا آهن جڏهن ته معيشت بچائڻ تي ڪي به ڪم نه پيا ٿين.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ سياسي اونداهي ڇائنجي وئي آهي، هن وقت چونڊن جو سج اڀرڻ لازمي آهي، هاڻ ته مفتاح به چئي رهيو آهي ته بانڊ ڪليئر ٿيڻ باوجود ملڪ ڊيفالٽ ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته پيٽرول، گئس، ڊالر مهانگو ۽ ناياب ٿي ويو آهي. اسيمبليون بچائڻ تي مشورا ٿي رهيا آهن جڏهن ته ملڪ جي تباهه ٿيل معيشت کي بچائڻ لاءِ ڪوبه ڪم نه پيو ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔