يوم دفاع جي تقريب اڄ ٿيندي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندو

راولپنڊي : ملڪ ۾ ٻوڏ جي هاڃن سبب  ملتوي ٿيل يوم دفاع جي تقريب اڄ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب کي خطاب ڪندو، تقريب ۾ پاڪ فوج جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي

تقريب ۾ فوج جي غازين کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويندو

سنڌ سميت ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي مک تقريب ملتوي ڪئي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔