عمران تي حملي جي جاچ سميت 4 مطالبن تي ٻڌل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد:تحريڪ انصاف عمران خان تي ٿيل حملي سميت 4 مطالبن تي ٻڌل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻن اسلام آباد سميت لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا رجسٽرين ۾ به درخواستون جمع ڪرايون

جمع ڪرايل درخواستن ۾ عمران خان تي حملي، ارشد شريف جي قتل، اعظم سواتي جي وڊيو ۽ سائفر معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درخواستون جمع ڪرائڻ جو مقصد سپريم ڪورٽ جو ڌيان ڇڪائڻ آهي

چاهيون ٿا ته چيف جسٽس سمورن مطالبن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي، جنهن مان پتو پئجي سگهجي ته عمران خان تي ٿيل حملي جون حقيقتون ۽ ڪردار ڪهڙا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔