شھر ۾ ڪنٽينرز ايئن پيا آھن ڄڻ ٻيون حالتون آھن: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهر ۾ روڊن جي بندش تي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب روڊن جي بندش خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران گهرو وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري شبير خٽڪ عدالت ۾ پيش ٿيو

درخواستگذار واپارين پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اپريل ۾ حڪومت جي تبديلي کان وٺي هن وقت تائين احتجاجن جو سلسلو جاري آهي

درخواستگذار واپارين موجب آزادي مارچ ڌرڻي جي اعلان ۽ اڳواڻن جي هدايتن تي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، شهري ۽ واپاري سخت پريشان آهن

درخواستگذارن موجب بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن، حڪومت کي هدايت ڪئي وڃي ته روڊن ۽ خاص ڪري موٽر وي تي ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکيو وڃي، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ٻاهران ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍڻ جو حڪم ڏنو وڃي

ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته سڄي اسلام آباد ۾ ڪنٽينرز پيا آهن ڄڻ ته ڪا ٻي صورتحال هجي، سٺي اينٽي رائيٽس فورس ڇو نه ٿي ٺاهي وڃي؟ ڪنٽينرز ڇو ٿا رکيا وڃن؟ ڪنٽينرز لڳائڻ بدران ڪو ٻيو طريقو ڇو نٿا استعمال ڪريو

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي بعد آءِ جي اسلام آباد کان 17 نومبر تائين رپورٽ طلب ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔