عمران خان اهم ادارن جي شرافت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:سنڌ جي سُڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۽ ٻيا تحريڪ انصاف اڳواڻ ملڪ جي اهم ادارن جي شرافت جو ناجائز فائدو کڻي رهيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جيڪا غير اخلاقي زبان ۽ ڪوڙا الزام مخالفن، معزز جج صاحبن ۽ اليڪشن ڪمشنر خلاف استعمال ڪندو هو هاڻ اها ئي غير اخلاقي زبان ۽ ڪوڙا الزام پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن خلاف ڪري رهيو آهي
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي آفيسرن ۽ اعليٰ فوجي عهديدارن خلاف غليظ زبان استعمال ڪري ادارن ۽ سموري ملڪ خلاف ڪُڌي سازش ڪري رهيو آهي. سندس انهي مهم جو مقصد اسرائيلي ۽ ڀارتي آقائن کي خوش ڪرڻ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪ فوج جي جن اعليٰ آفيسرن جا نالا کڻي رهيو آهي انهن جو بهترين پروفيشنل ڪيريئر رهيو آهي ۽ اهي بهترين شهرت رکندڙ آفيسر آهن. جهڙي طرح عمران خان معزز عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌو. هي هاڻ پاڪ فوج جي آفيسرن تي به تنقيد ڪري دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته هر ادارو ٽائيگر فورس جيان ڪم ڪري ۽ عمران خان جي غلامي ڪري. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ختم نه ڪيو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نه ڏنو ته 22 ڪروڙ عوام کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔