راڻا ثناءُ الله خلاف نيب جي انڪوائري ختم

لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف نيب جي انڪوائري ختم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي

جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ راڻا ثناءُ الله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

نيب جي وڪيل فيصل بخاري موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو

نيب جي وڪيل فيصل بخاري موقف اختيار ڪيو ته اي اين ايف الزام هنيو هو ته راڻا ثناءُ منشيات مان ملڪيتون ٺاهيون آهن، نيب کي جاچ دوران ڪي به ثبوت نه مليا

ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت راڻا ثناءُ الله خلاف نيب انڪوائري ختم ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔