فارين فنڊنگ ڪيس: تحريڪ انصاف خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

ايف آءِ اي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آهن

ايف آءِ اي اسلام آباد مان پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله نيازي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

لاهور مان پي ٽي آءِ جو باني ميمبر حامد زمان به ايف آءِ اي هٿان گرفتار ٿي ويو آهي

ايف آءِ اي جي بينڪنگ ٽيم ڪراچي جي ڪي ڊي اي اسڪيم ون ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ طارق شفيع جي گهر تي به ڇاپو هنيو

ڇاپي دوران ليڊي ٽيم به موجود رهي، ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم 2 ڏينهن اڳ طارق شفيع ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس جي سلسلي ۾ سندس گهر تي ڇاپو هنيو

طارق شفيع جي موجود نه هئڻ سبب ايف آءِ اي ٽيم واپس رواني ٿي وئي

پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي جاچ هلندڙ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔