آڊيو ليڪس جي جاچ حڪومت جو سٺو قدم آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيو ليڪس جي جاچ وارو حڪومتي عمل بهتر قرار ڏئي ڇڏيو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران صدر عارف علوي چيو آهي ته خدا جي واسطي ملڪ ۾ پولرزائيزيشن ختم ڪريو، ضد ڇڏڻ بنا پولرائيزيشن ختم ناهي ٿيندي، اُن جي خاتمي لاءِ ليڊرز ۾ اتحاد ضروري آهي

هن چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، اُن ۾ ڪا پولرائيزيشن آهي ته اُن کي حل ڪريو، ڳالهين ذريعي هڪٻئي کي مطمئن ڪريو، پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به آڊيو ۽ وڊيو ليڪس جو نه ٻڌو هو
صدر چيو ته حڪومت طرفان آڊيو ليڪس جي جاچ وارو عمل بهتر آهي، سائبر پاور ۾ ننڍا ننڍا ملڪ به پاڪستان کان اڳتي آهن، دُنيا جون جنگيون هاڻي سائيبر ورلڊ ۾ ٿينديون
عارف علوي چيو ته ڏسڻو هوندو ته اسان جي ڪيتري تيار ٿيل آهي، حڪومتون ڀلي تبديل ٿين، پر پاليسيز ۾ تسلسل هجڻ گهرجي، نه ته پاڪستان ۾ سيڙپڪار نه ايندا
صدر جي خطاب دوران 442 جي ايوان ۾ رڳو 14 ميمبرز موجود هئا، پي ٽي آءِ ميمبرز جو صدر جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔