اتر ڪوريا جاپان ڏانهن ميزائيل فائرڪري ڇڏيو

اتر ڪوريا جاپان ڏانهن ميزائيل فائر ڪري ڇڏيو، فائر ڪيل ميزائيل ايٽمي هٿيار کڻي ساڍا چار هزار ڪلوميٽرز تائين مار ڪري سگهي ٿو

پرڏيهي ميڊيا موجب، اتر ڪوريا جو فائر ڪيل ميزائيل هزارين ڪلوميٽرز طئه ڪري سمنڊ ۾ وڃي ڪريو

جاپاني حڪومت ميزائيل فائر ٿيڻ جي خبر پوڻ شرط اتر علائقن جي آبادين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

2017 کانپوءِ اترڪوريا پهريون ڀيرو جاپان ڏانهن ميزائيل فائر ڪرڻ جو تجربو ڪيو آهي

جاپاني وزيراعظم ميزائيل تجربي جي مذمت ڪئي آهي، جاپان جي دفاع واري وزير چيو آهي ته جاپان جوابي حملي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔