سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شرجيل ميمڻ جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل 2 رڪني بئنچ شرجيل ميمڻ جي نظرثاني درخواست کي منظور ڪري ورتو آھي

 نيب ۽ وفاقي حڪومت جي وڪيل به شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي حمايت ڪئي، عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ٻڌايو

شرجيل ميمڻ خلاف اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔