ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريندڙ راجو شري واستو ديهانت ڪري ويو

ڪراچي: ڀارت جو مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار راجو شري واستو 58 سالن جي ڄمار ۾ ديهات ڪري ويو آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجو شري واستو کي 10 آگسٽ تي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي سندس علاج هلندڙ هو ۽ هاڻي اداڪار جي گهرواري سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

راجو شري واستو کي هڪ سيپٽمبر تي ان وقت وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو جڏهن هن علاج باوجود بخار گهٽ نه ٿي رهيو هو، هن 21 سيپٽمبرتي صبح جي وقت دهلي جي هڪ اسپتال ۾ آخري ساهه ورتو

ياد رهي ته راجو شري واستو کي ان وقت دل جو دورو پيو جڏهن هو جم ۾ ٽريڊ مل تي ورزش ڪري رهيو هو

هي دعويٰ ڪئي وئي ته راجو جم ۾ وڌيڪ ورزش ڪئي هئي جنهن جي ڪري هن جي صحت خراب ٿي وئي، پر سندس ڀائٽيو ڪوشل شري واستوا انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيوهو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔