سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
تعليم کاتي جَي سيڪريٽري صوبي جَي سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو
سيڪريٽري خط ۾ چيو آهي ته ڪجهه اسڪولن کي رليف ڪيمپ قرار ڏنو ويو هو، پر رليف ڪيمپ قرار نه ڏنل ڪجهه اسڪولن ۾ وري متاثر پاڻمرادو ترسي پيا
خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ وارِي صورتحال جِي سنگيني کي سمجهون ٿا پر ٻارن جِي تعليم به حساس معاملو آهي، تنهنڪري متاثرن کان اسڪول خالي ڪرائي کين خيما بستين ۾ ترسايو وڃي
واضح رهي ته برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن اسڪولن سميت مختلف روڊ رستن تي پناهه ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔