آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جي اِي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽي استادن جون پگھارون شروع

ڪراچي: آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي جي اِي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيل استادن جون پگھارون شروع ڪيون ويون آھن

پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي ڪورنگي ۽  ڪياماڙي ضلعن جي 850 کان وڌيڪ استادن کي پگھارون جاري ڪيون ويون

سيڪريٽري تعليم پاران سمورن ضلعن جي اختيارين کي تازو ڀرتي بعد جوائئنگ ڏيندڙ استادن کي پگھارون جاري ڪرڻ لاءِ قانوني گھرجون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ڪورنگي ضلعي جي 200 جي اِي ايس ٽيز ۽ 400 پي ايس ٽيز کي پگھارون جاري ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي

سيڪريٽري تعليم موجب، ڪياماڙي  ضلعي جي 250  پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز کي پگھارون جاري ڪيون ويون

سيڪريٽري  تعليم اڪبر لغاري موجب، تازو ڀرتين بعد جوائنگ ڏيندڙ استادن جي مرحليوار پگھار  شروع ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔