ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ به وسڪارو ، موسم وري خوشگوار

ڪراچي: ڪڪرن اڄ به سڄي شهر کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ، گلشن معمار، نيو ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي .

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ، ٺٽو ، مٽياري، ڄامشورو ، بدين ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر سميت ٻين علائقن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي به برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي .

برسات جي هن نئين اسپيل سان ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ واڌ ٿيڻ جو خدشو پيدا  ٿي ويو آهي . موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڀارتي رياست گجرات تي موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ وچ ڀارت ۾ موجود گهٽ دٻاءَ ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ 15 سيپٽمبر تائين موسم گرم ۽ وچولي رهندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔