وزيراعظم جو 300 يونٽ وارن لاءِ به فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي 300 يونٽ واري واهپيدارن لاءِ به فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز ختم ڪرڻ ۽ ڏهه هزار ميگاواٽ جو شمسي توانائي جو منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾امدادي ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو .وزيراعظم شهباز شريف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن کي ٻوڏ جي مصيبتن کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي .

هن چيو ته اسان جي حڪومت سنڀاليندي ئي ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ تڪليفون آڏو آيون ،گذريل نااهل حڪومت پنهنجي ٽن سالن دوران عوام کي هڪ پئسي جي به سهولت نه ڏني .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔