سنڌوءَ جي پاڻي ٺٽي جي ڪچي واري ٻيلن سميت 70 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، حفاظتي بندن تي دٻاءُ، لڏپلاڻ

ٺٽو : ٺٽي ۾ سنڌوءَ جي وچولي ٻوڏ جي 3 لک 77 هزار ڪيوسڪ کان مٿانهين وهڪري سموري ڪچي واري علائقي جي مختلف ٻيلن سميت وڌيڪ 70 کان مٿي ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

سوين خاندان کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهڻ تي مجبور، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين پاسي سنڌو درياءَ جي وچولي ٻوڏ واري 3 لک 77 هزار ڪيوسڪ کان مٿانهين  وهڪري ٺٽي جي مڪمل ڪچي واري علائقي کي پاڻي هيٺ آڻڻ سان گڏ ضلعي جي ٻيلن جراڙ ، هيلايا ، شاھ لونڪو ، ٻائو پورنداس ، ڳاڙهڪو ، حيات ڳاهو ۽ ٻين ٻيلن کي پڻ پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ۽ گھوڙاٻاري تعلقي جي 8 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ، يونين ڪائونسل ٽنڊو حافظ شاھ ، سونڊا ، فقير جو ڳوٺ ، ٻجورا ، جناڻ ، ڏوماڻي ، گليل ۽ انڊو جي وڌيڪ 70 کان مٿي ڳوٺن کي پڻ دريائي ٻوڏ جي وهڪري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

 ڳوٺن جي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري هتان جي متاثر سوين خاندانن پڻ پنهنجي مدد پاڻ  لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌوءَ جي حفاظتي بندن ، سونڊ هيلايا بند ، پي بي بند ، شهيد دولھه درياءَ خان پل ۽ بي يو گليل حفاطتي بندن ۽ ٻين مٿانهين وارن هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناهون حاصل ڪري بي يارو مددگار ويٺل آهن، جتي پڻ ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۽ پريشانين ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔